اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪ- س??ود?? ناتا گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن، مسلم اُمت جي ا??حا?? ۽ جديد دؤر جي مسئلن تي گرينڊ مفتي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي، تڪرار جي خاتمي، مسئلن تي ضابطو آڻڻ تي گرينڊ مفتي مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت گڏيل ذميداري آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن س??ود?? گرينڊ مفتي شيخ عبدالعزيز بن عبدالله ا??شيخ سان ملاقات ۾ ڪيو. سينيٽ چي??رمين گرينڊ مفتي جو شڪريو ادا ڪندي سندن اسلامي دنيا لاءِ خدمتن، ڏُکيائين ۾ اسلامي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪاوشن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چي??رمين چيو ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جا ناتاگڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن. هن مسلم اُمت جي ا??حا?? جي ضرورت کي به اجاگر ڪيو. سينيٽ چي??رمين پاڪستان ۽ س??ود?? عرب جي جديد دؤر جي چئلينجز سان گڏجي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان تعليمي ۽ مذهبي شعبن ۾ س??ود?? عرب سان معاونت جو خواهشمند آهي. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا جي قيادت جي گڏيل ذميداري آهي. پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان بين العقائد ڊائلاگ، مفاهمت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چي??رمين چيو ته برداشت ۽ صبر کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرينڊ مفتي جون ڪاوشون تحسين لائق آهن. مذهبي تعليم ۽ ماهرن جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻي پوندي، گرينڊ مفتي سان ملاقات وڏو اعزاز آهي. سينيٽ چي??رمين گرينڊ مفتي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت به ڏني. سينيٽ چي??رمين چيو ته پاڪستان جو عوام س??ود?? عرب جي گرينڊ مفتي سان لڳاءُ رکي ٿو، س??ود?? گرينڊ مفتي جا جاري ڪيل فتويٰ نه صرف س??ود?? عرب پر پوري اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪن ٿا. مسلم اُمت جي ا??حا?? ۽ جديد دؤر جي مسئلن تي گرينڊ مفتي هميشه اسلامي دنيا جي رهنمائي ڪئي آهي.
پاڪ- سعودي ناتا گڏيل مذهبي قدرن ۽ گڏيل احترام جي جذبي تي ٻَڌل آهن: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز