اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا سان واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ سياحتي ل??ڳا??ا وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻن ل??ڳا??ن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙائي رکندڙ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور من ٽ??گيو سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن جو اهم عنصر آهي، پاڪستان واپار، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ک?? وڌيڪ گهرو ڪ??ڻ جو خواهشمند آهي، انڊونيشيا جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻا ل??ڳا??ا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لا??ِ گڏيل سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ اضافو لازمي آهي. انڊونيشين سفير ايڊم ملاور من ٽ??گيو چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا کي ٻطرفي ل??ڳا??ن ک?? وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي متنوع بڻائڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون کولڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن ک?? وڌيڪ ويجهو آڻيندو، پاڪستاني شاگرد انڊونيشيا ۾ تعليمي وظيفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن ۾ ترقي جي رفتار برقرار رهندي. صدر سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
پاڪستان انڊونيشيا سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ