اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي معاشري مان عدم برداشت جي خاتمي ۾ فلمن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿ??ون?? فلمن جو نه رڳو ??راڻي پر موجوده دور ۾ به تاريخي ڪردار رهيو آهي، سٺيون فلمون تڪرا??ن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿ??ون?? اسان جو نوجوان نسل ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيو آهي، نوجوانن کي سکڻ جو عمل جاري ۽ پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”ٻئي نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول 2023ع“ جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول فاطمه جناح يونيورسٽي جي هڪ اهم ڪوشش آهي، فلمن جو نه رڳو ??راڻي پر موجوده دور ۾ پڻ اهم تاريخي ڪردار آهي. هن چيو ته سٺيون فلمون اخلاقيات سيکارڻ سان گڏوگڏ تڪرا??ن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو پڻ سيکارين ٿيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جا نوجوان ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيا آهن، نوجوان سکڻ جي ان عمل کي جاري رکن. هن چيو ته فيسٽيول ۾ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي سان يو اين ايف پي اي سميت ٻين عالمي ادارن جي حصيداري ڏسي خوشي ٿي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي جيڪو ان عظيم فيسٽيول ۾ حصيدار آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير فيسٽيول ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته رنرز اپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستا?? مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، اسان کي معاشري ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چيو ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي فاطمه جناح يونيورسٽي ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آه??ون?? اطلاعات واري وزارت جا دروازا نوجوانن جي لاءِ سدائين کليل آهن، اطلاعات واري وزارت فاطمه جناح يونيورسٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي.
سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان