اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ا??ئرپورٽ ج?? هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين ??زيراعظم کي خراج تحسين ??يش ڪيو. سينيٽ چيئرمين ??زيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين ??يش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ?? خاص معاون عطا تارڙ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش