اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پنهنجي دور ۾ رڪارڊ بئنڪنگ ڪيسز اڪلائڻ، ب??نڪ صارفين کي مالي انصاف جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر ???? پريس ونگ موجب ملاقات دوران بئنڪنگ محتسب ٻڌايو ته بطور بئنڪنگ محتسب، سال اپريل 2019ع کان جولاءِ 2023ع تائين جي 4 سالا دور ۾ 3 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، منهنجي دور کان اڳ سال 2005ع کان 2018ع تائين جي 13 سالن ۾ عوامک ي 2.3 ارب جو ريليف ڏنو ويو، پ??هنجي دور ۾ 106486 ڪيسز اڪلائي بئنڪنگ صارفين کي اربين رپين جو مالي انصاف فراهم ڪيو. صدر ??ئنڪنگ محتسب پاران گهٽ مدي ۾ عوام کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جو ريليف فراهم ڪرڻ تي سندس ڪوششن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی