ملتان – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران ني??زي 4 سال هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهيو ۽ چور، ڌاڙي جا نعرا هڻي وقت برباد ڪيو. ملتان ۾ تعمير هيٺ نشتر ٽو ا??پت??ل جي معائني دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو هو ۽ سمورا انتظام مڪمل ڪيا هئا. جهرلو اليڪشن کانپوءِ جيڪي عمران ني??زي کي ڪلهن تي ويهاري اقتدار ۾ وٺي آيا هئا انهن کي گهرجي ها ته عمران ني??زي کان هي ا??پت??ل ٺهرائين ها ته جيئن ڏکويل انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ها پر پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا ۽ تعمير هيٺ نشتر ٽو ا??پت??ل لاءِ رڳو 3، 4 ملين رپيا رکيا جيڪو هڪ مذاق هو. هن ا??پت??ل کي رڳو ان لاءِ نظرانداز ڪيو ويو ته ڪٿي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف کي ڪريڊٽ نه ملي وڃي. وزيراعظم چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هن ا??پت??ل جي تعمير 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي ويندي. هي عوامي خدمت جو منصوبو آهي. وزيراعظم نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي حمزه شهباز جي قيادت ۾ مختصر مدي جي لاءِ پنجاب ۾ خدمت جو موقعو مليو پر جيڪو ڪجهه ان سان ٿيو اهو به تاريخ جو حصو آهي. ماضي ۾ اسان جون حڪومتون ختم نه ڪيون وڃن ها ۽ عمران ني??زي کي اقتدار ۾ نه آندو وڃي ها ته پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هجي ها. هو 4 سال هٿ تي هٿ ڏئي ويٺل رهيو ۽ چور ڌاڙيل جا نعرا هڻندو رهيو. وزيراعظم چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته ا??پت??ل جي لاءِ مشينري پڻ درآمد ڪئي وئي آهي. هن ملتان ۾ ميڊيڪل سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان حوالي سان منصوبي جو هو تفصيلي جائزو وٺندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت ٺهي سموريون قوتون گڏجي پاڪستان جي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. واضح رهي ته 500 بيڊز تي ٻڌل نشتر ٽو ا??پت??ل سان ڏکڻ پنجاب جي ڏورانهن علائقن جي عوام فائدو کڻندي.
پي ٽي آءِ حڪومت 4 سال برباد ڪري ڇڏيا، عمران نيازي 4 سال هٿ تي هٿ رکي ويٺل رهيو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania