اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال جي ??جيٽ ۾ بج??ي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي ??هتريءَ لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي ??جويز ڏني وئي آهي. وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي ڪابينه کان منظوريءَ کان پوءِ وفاقي بجيٽ جي ??ستاويز قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي پيداواري صلاحيت 41 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، ان ۾ پن بجليءَ جو حصو 25 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضروري آهيته بج??ي جي پيداوار ۾ ملڪي وسيلن ۽ تجديد جوڳي توانائيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪري سگهجي ??ه جيئن ملڪي آمدني واپار کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ بج??ي جي پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ان سان گڏوگڏ بج??ي جي رسد جي نظام ۾ بهتري آڻڻ به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته پي ايس ڊي پي ۾ وڌ کان وڌ رسد واري نظام جي ??هتري آڻڻ به حڪومت جي ??رجيحن ۾ شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته بج??ي جي شعبي ۾ ڪوئلي مان هلندڙ ڄامشورو پاور پلانٽس 1200 ميگاواٽ جي ??ڪميل لاءِ اينڊڙ مالي سال ۾ 12 ارب رپين جي ??قم رکي ويندي. پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جي منصوبي کي اڳتي و??ائ?? لاءِ 16 ارب رپيا رکڻ جي ??جويز پيش ڪئي آهي. اين ٽي ڊي سي جي موجوده گرڊ اسٽيشنز ۾ گنجائش ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 5 ارب رپيا، سڪي ڪناري، ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پلانٽ مان بج??ي جي رسد لاءِ 13 ارب رپيا ۽ داسو هائيڊرو پاور پلانٽ مان بج??ي جي رسد لاءِ 6 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي ??جويز پيش ڪئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي ??وانائي جي ??رورتن لاءِ آمدني واپار تي ڀاڙي ٿو، ان آمدني واپار جي قيمت ۾ ناڻي واڌ جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ان جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ اسان جي ??ڪومت پاڪستاني ڪوئ??ي جي استعمال ۽ شمسي توانائي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پختو ارادو رکي ٿي. ان سلسلي ۾ مختلف قدم کنيا پيا وڃن جن ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بج??ي جي ڪارڪنن جي ??رغيب ڏني پئي وڃي ته هو مقامي ڪوئلو استعمال ڪن. اهڙيءَ طرح سولر پينلز، انورٽر ۽ بيٽريز ۽ خام مال کي ڪسٽم ڊيوٽي کان آجو ڪيو پيو وڃي. خام تيل، ريفائينڊ پيٽروليم شيون اسان جي ??وانائيءَ جي ??رورتن جو وڏو حصو آهن ۽ ماضيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن شين جي کوٽ پيدا ٿي آهي جن??ن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽون آيون، هاڻي اهڙي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين لاءِ بانڊڊ بلڪ اسٽوريج جي پاليسي جاري ڪئي پئي وڃي، ان پاليسيءَ تحت پرڏيهي سپلائر پنهنجي مالي وسيلن لاءِ بين الاقوامي منڊيءَ مان خام تيل ۽ پيٽروليم شيون پاڪستان گُهرائي بانڊڊ بلڪ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪندا. ضرورت وقت ريفائنري يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيءَ کي غير ملڪي سپلائر کان هي شيون خريد ڪرڻ جي ??جازت هوندي.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بجلي جي پيداوار، رسد ۽ ورڇ جي بهتريءَ لاءِ 107 ارب رپيا رکڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا