اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي جنهن جو اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت وفاقي ڪابينا جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري و??ارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين آءِ آر سي جي ميمبرن طور مقرري ڪئي و??ي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير حسين اعواڻ کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. وڪيلن مان محمد سراج الاسلام خان، عبدالغني ۽ منور حسين طوري پن اين آءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪابينا اطلاعات واري و??ارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئي. ي??د رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي هئا. صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي ٿي، اها ڪميشن پورهيتن جي انجمنن جي پڻ رجسٽريشن ڪري ٿي. مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حالتن جي بهتري لاء?? قائم اين آءِ آر سي اطلاعات واري و??ارت جو ذيلي ادارو آهي. اها اين آءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي وڃي ٿي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي و??يراعظم محمد شهباز ??ريف جو اهو مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هڪ تحفو آهي.
حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن