اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پا??ست??ن جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خو??هش?? جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي اي پا??ست??ن جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ??نهن جو پا??ست??ن ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ دع??ڳو آهيون. تقريب ۾ گڏيل عرب امارات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارل??ام??نٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت مختلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پا??ست??ن ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران يو اي اي جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب