ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 24998 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح نوش??رو??يروز ۾ 2250، سانگهڙ 1498، دادو 500، حيدرآبا?? 3500، مٽياري 250، سجاول 1250، ٺٽو 1750، جيڪب آباد 500، لاڙڪاڻو 1000، سکر 6500، ميرپورخاص 1000 ۽ ٿرپارڪر ۾ 2000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1381336 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 1350 خيما، 15000 مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هينئر تائين متاثرن کي 493155 خيما، 523095 پلاسٽڪ ترپال، 3001077 مڇردانيون، 796433 ليٽر منرل واٽر، 68837 جيري ڪينس، 98903 تيا?? ٿيل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آ??ي. ??رجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 763 حياتين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته 436181 ڍور مري چڪا آهن. هن چيو ته 7383023 ماڻهو بي گه?? ٿيا آهن. ريليف ڪيمپن ۾ 352484 متاثر موجود آهن. جن کي ٻه وقت تيا?? ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد هڪ لک ڪيوسڪ کان هيٺ اچي وئي آهي.جتي پاڻي جي آمد 88300 ۽ اخراج 59100 ڪيوسڪس آھي ، گڊو بيراج تي 56300 ڪيوسڪ ۽ اخراج 45600 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آ??ي. ??کر بيراج تي پاڻي جي آمد 45400 ڪيوسڪ ۽اخراج 33600 ڪيوسڪ آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 24998 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 300 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores