اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ تازي صورتحال ۾ قائم ٿيل اتفاق راءِ کي جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو آهي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت قومي سلامتي جي معاملي تي جهڙي طرح سڀني ادارن کي گڏ کڻي ??لي رهي آهي اهڙي طرح مخالف ڌر کي به گڏ کڻي ??لنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت جي نواز شريف ۽ آصف زرداري سان ڪا به ويڙهه نه آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا