اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي م??ڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي لاءِ رهنما اصول جوڙيندي ڪرپشن جي خاتمي، ??ادگي جي فروغ، بدعنواني کان پاڪ نظام، غيرضروري پروٽوڪول جي خاتمي، پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ترقي، پٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي نظام کي مضبوط ڪرڻ، ڀارت سميت سمورن پاڙيسري م??ڪن سان پرامن گڏيل بقاءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته سندن حڪومت ۽ عوام والاريل ڪشمير جي عوام جي سياسي، ??فارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر عا??ف علوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جو خطاب نئين پارلياماني سال جو نقطه آغاز آهي. الله تعاليٰ ايندڙ ڏينهن کي اسان جي لاءِ رحمت ۽ برڪتن وارو بڻائي. هن چيو ته هنن ايوان ۽ لنگهن سان سڃاڻپ هن ايوان جي م??مبر جي حيثيت سان ڪيترائي سال پراڻي آهي، مون تي جيڪي ذميواريون لاڳو ٿيون پئي انهن کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏجي ويهي جيڪو ڪجهه ڪري سگهيس پئي م??ن پ??ري ايمانداري ۽ صلاحيت موجب انجام ڏنو آهي.
پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ