اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته حڪومت گستخانا خاڪن جي معاملي کي گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ اٿاريندي جڏهن ته اهڙي قسم جي حرڪتن جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻ جي لاءِ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سان گڏجي متفقه حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي ويندي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خ??ن چي?? ته اسان گستخانا خاڪن جو معاملو گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سيپٽ??بر ۾ اٿارينداسين. هن چي?? ته اولهه ذهن کي ڄا??ان ٿو، اتان جو معاشرو اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري ٿو جڏهن ته اڪثريت ان ڳالهه کي نه ٿي سمجهي ته اسان کي نبي ڪريم صه سان اسان کي ڪيترو پيار آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن