اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين ڪنوينشن سينٽر ۾ عيد ميلادالنبي صه جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ”سيرت اس??يڊ??ز“ تي ريسرچ جرنل کي 2017ع جو بهترين تعليمي اشاعت قرار ڏيڻ تي خصوصي ايوارڊ ڏنو آهي. جرنل جي ايڊيٽر ڊاڪٽر معين الدين هاشمي صدر کان انعام وصول ڪيو. ان تقريب ۾ وائيس چانسلر، پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي به موجود هو. مذهبي معاملن واري وزارت ”اسلامي رياست ۾ قومي قيادت جا رهنما اصول: سيرت جي روشني ۾“ جي عنوان تي صوبائي ۽ آل پ??ڪستان س??ح تي آرٽي??لز لکڻ جي مقابلن جو انعقاد ڪيو هو. صوبائي س??ح تي منعقد مقابلن ۾ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر احمد رضا بهترين آرٽي??لز لکڻ تي پهريون انعام حاصل ڪيو جڏهن ته ڊاڪٽر عائشه صنوبر ۽ نازيه گوهر خصوصي انعام حاصل ڪيا.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea