سيئول-11 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا پوليس جي خاص جاچ ٽيم يونٽ چيو آهي ته هن صدر يون سوڪ يول جي آفيس تي ڇاپو هنيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي صدر يون سوڪ يول ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو هو، جڏهن ته مخالف ڌر پاران مخالفت جي ڪجهه ڪلاڪن اندر مارشل لا ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پوليس موجب خاص جاچ ٽيم صدارتي آفيس، نيشنل پوليس ايجنسي، سيئول ميٽرو پوليٽن پوليس ايجنسي ۽ نيشنل اسيمبلي سيڪيورٽي سروس جي آفيس تي ڇاپو هنيو. مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ صدر يون سوڪ يول تي اڳ ئي پرڏيهه سفر تي پاب??دي لڳائي وئي آهي. پوليس گذريل ڏينهن اختيار?? جي غلط استعمال جي الزام ۾ اڳوڻي دفاع واري وزير ڪم يونگ هيون کي گرفتار ڪيو هو. خابرو اداري موجب ڪم يونگ هيون گرفتار جي ڪجهه ڪلاڪن کان اڳ آپگهات جي ڪوشش ڪئي. سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي ترجمان ٻڌايو ته دفاع واري وزير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه جو خدشو هو ته ثبوتن کي ضايع ڪري سگهي پيو. دفاع واري وزير پنهجي وڪيل ذريعي چيو آهي ته سموري صورتحال جي ذميوراي صرف ان تي آهي ۽ ماتح?? ملازم سندس حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهيا هئا. گرفتار ڪيل دفاع واري وزير، مارشل لا آپريش?? جي انچارج ۽ اڳوڻي گهرو وزير تي پڻ سفري پاب??دي لڳائي وئي آهي. ڪورين نيشنل پوليس ايجنسي جي ڪمشنر جنرل ۽ سيئول ميٽرو پوليٽين پوليس ايجنسي جي سربراهه کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ ڪورين صدر جي آفيس تي پوليس جو ڇاپو، دفاع واري اڳوڻي وزير پاران آپگهات جي ڪوشش
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ