تھران-25 نومبر (اي پي پي) ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن س??ن تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو. ??رڏ??هي خابرو اداري مطابق ايران جي ??رڏ??ھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري طرفان ايران خلاف ٺھراءُ منظور ٿيڻ جي ڪجھه ڏينھن کانپوءِ گذريل ڏينھن چيو ته ايران، فرانس، جرمني ۽ برطانيه جا نائب ??رڏ??ھي وزير انهن ڳالھين ۾ حصو وٺندا، جنھن ۾ علائقي جي مس??لن سان گڏو گڏ ايٽمي دستاويزن جو به جائزو و??تو ويندو. ترجمان اھو ناھي ٻڌايو ته ڳالھيون ڪھڙي ھنڌ ٿينديون. ھن چيو ته علائقائي صوتحال بابت ڳالھه ٻولھه ۽ فلسطين، لبنان جي مس??لن ۽ ايٽمي ڳالھين سميت ڪيترين ئي ٻين ڳالھين تي خيالن جي ڏئي وٺ ڪئي ويندي. ھن چيو ته اھا ملاقات ايندڙ جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ايران ھميشه کان ان ڳالھه تي يقين رکي ٿو ته ايٽمي مس??لن کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ گھرجي ۽ ايران ان جي ڪري ئي ڳالھيون بند ناهن ڪيون.
ايران 29 نومبر تي ٽن يورپي ملڪن سان تڪراري ايٽمي پروگرام بابت ڳالھيون ڪندو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا