جنيوا-10 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ گڏيل قومن جي ٻين ماهرن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ڪشمير ۾ انساني حقن جي علمبردارن خرم پرويز ۽ عرفان مهراج خلاف لڳايل الزامن، انهن جي گرفتاري ۽ نظربندي تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد کين پيشيوراڻي ذميوارين جي ادائيگي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جي نگراني کان روڪڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب انساني حقن جي علمبردارن جي باري ۾ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين ماهرن طرفان جاري هڪ گڏيل پڌرائي ۾ خرم پرويز ۽ عرفان مهراج جي پيشيوراڻي معاملن ۽ ڄ??ون ڪشمير ڪوليشن آف سول سوسائٽي جي سرگرمين جي قانوني حيثيت کي تسليم ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ عرفان مهراج جي گرفتاري ۽ خرم پرويز جي 2021ع کان مسلسل نظربندي تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪندي چيو ويو آهي ته ان جو مقصد کين ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ڪشمير جي انساني حقن جي صورتحال جي نگراني ۽ پنهنجي پيشيوراڻي ذميوارين جي ادائيگي کان روڪڻ آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ڀارت کي دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن کي انساني حقن جي علمبردارن خلاف استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پڌرائي ۾ مودي ح??وم?? طرفان دهشتگردي جي تعريف سان اختلاف ڪندي غير قانوني سرگرمين جي روڪٿام جي ڪاري قانون يو اي پي اي ۾ دهشتگردي ايڪٽ جي تعريف بابت ڳڻتي جو اظه??ر ڪيو ويو جيڪو دهشتگردي جي خاتمي دوران انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جي تحفظ بابت عالمي اداري جي رهنما اصولن ۽ تعريف کان بلڪل جدا آهي ۽ ان ۾ عدليه جي نگراني يا ڪنٽرول کانسواءِ ايگزيڪيٽو کي وڏي پئماني تي اختيار فراهم ڪيا ويا آهن. پڌرائي ۾ مودگي ح??وم?? کي ياد ڏياريو ويو آهي ته دهشتگردي ۽ دهشتگردي جي ڏوهن جي تعريف سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجي قرارداد 1566 (2004ع) ۾ واضح ڪئي وئي آهي جيڪا حقيقي طور تي ان موجب هجڻ گهرجي. بيان ۾ خبرد??ر ڪيو ويو ته انساني حقن جي سرگرمين کي دهشتگردي سان جوڙڻ رياست جي انهن ذميوارين سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ جيڪي جن جي سلامتي ڪائونسل طرفان توثيق ڪئي وئي آهي. رياستن طرفان دهشتگردي جي خاتمي جي سرگرمين کي عالمي قانونن جي ٻين ذميوارين خاص طور تي انساني حقن جي احترام سان ٽڪراءُ ۾ نه هجڻ گهرجي. واضح رهي ته انساني حقن جي علمبردارن جي باري ۾ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ۽ ٻين ماهرن طرفان هي خط ڀارتي ح??وم?? کي هلندڙ سال 5 جون تي لکيو ويو هو ۽ ان کي منظر عام تي اچڻ کان اڳ 60 ڏينهن تائين ڳجهو رکيو ويو، جنهن جو مقصد مودي ح??وم?? کي ان جواب ڏيڻ جي مهلت ڏيڻ هو.
ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ سول سوسائٽي کي نشانو بڻائڻ لاءِ قانونن جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria