ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ڪرڪيٽ ۽ سياست جي ميدان ۾ شروعات ۾ کيس وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر هن حوصلو نه هاريو ۽ جدوجهد جاري رکي، جيڪو چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي اهو چيمپئين نٿو بڻجي سگهي، راند اسان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿي ته اسان کي همت ناهي هارڻي ۽ جدوجهد جاري رکڻي آه??. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سريلنڪن راندين ۽ نوجوانن ج?? معاملن واري وزير نامل راجا پاڪسي طرفان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان ج?? حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ سريلنڪا جي اسپورٽس ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته راندين ج??ن سرگرميون اسان کي اهو سيکارينديون آهن ج??ڪو اسڪولن ۾ نصابي تعليم جي ذريعي نٿو سکي سگهجي. اهي اسان کي مختلف چئلينجن مان سرخرو ٿيڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ جدوجهد جو سبق ڏينديون آه??. هن چيو ته اهو ضروري ناهي ته سڀ کان قابل رانديگر ئي چئمپين بڻجي پر اصل رانديگر اهو هوندو آ??ي جيڪو ناڪامين ۽ هار مان سکي اڳتي وڌي ٿو ۽ حوصلو نٿو هاري، جنهن کي شڪست کي منهن ڏيڻ نٿو اچي اهو چئمپين نٿو بڻجي سگهي، حوصلو هاريندڙ ڪڏهن به پنهنجي خوابن ج?? تعبير نٿو ماڻي سگهي، زندگي ۾ جڏهن به شڪست درپيش هجي ته اسان لاءِ ان مان سکڻ جي لاءِ سبق هوندو آ??ي. هن چيو ته زندگي ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آ??ي، ڪاميابي اها ناهي هوندي ته توهان سٺو وقت ڪيئن گذاريو ٿا پر ڪاميابي اها هوندي آه?? ته توهان بري وقت کي ڪيئن منهن ڏيو ٿا، ناڪامي سان ڪجهه ماڻهو حوصلو هاري ويندا آه?? پر جيڪي ناڪامي مان سبق سکندا آه?? ۽ جدوجهد ڪندا آه?? اهي ئي اڳتي وڌندا آه??. رانديون اسان کي اهو ئي سبق ڏينديون آه?? ته اسان کي همت ناهي هارڻي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ گهڻو سٺو رانديگر نه هئس، جڏهن پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مون کي ڊراپ ڪيو ويو هو ۽ ٽن سالن تائين آئون ٽيم کان ٻاهر رهيس پر مون حوصلو نه هاريو ۽ ڪوشش جاري رکي، ڪيترائي ڪرڪيٽرز آهن ج??هن کي هڪ ڀيرو جيڪڏهن ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ته پوءِ هو ٻيهر ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا پر جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلينٽ هجي ته پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي واپس اچي سگهو ٿا.
ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ شروعات ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر حوصلو نه هاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار