اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ مذهبي هم آهنگي جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ اسلام مذهب سمورن شهرين کي برابري جو حق ڏي ٿو، پاڪستان جو قومي جهنڊو دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد ترين جهنڊو آهي جيڪو پاڪستان ۾ هر عقيدي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪري ??و. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ مسيحي برادري جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪن??ي چئي. صدر چيو ته آئين ۾ معاشري جي سمورن طبقن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ اها سٺي معاشري جي سڃاڻپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پارلي??مي??ٽ جي سمورن ايوانن سميت هر طرح جي چونڊيل ادارن ۾ اقليتن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil