باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفر??س جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مستقبل لا??ِ مضبوط موسمياتي ??عيشت جي تعمير ۾ مدد لا??ِ گڏيل عرب امارتن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري موجب ڪوپ-29 موسمياتي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي موقعي تي شيخ محمد بن زايد ماحولياتي تحفظ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي اصولن لا??ِ گڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري ميراث ۽ عزم کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان لڳن سبب گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪوپ-28 جي ميزباني ڪئي جنهن دوران ملڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لا??ِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪرڻ لا??ِ عالمي سهڪار جي حمايت ڪئي. هن چي?? ته موسمياتي ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن سان سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن موسمياتي ايڪشن کي بار بجاءِ ترقيءَ جي هڪ من??رد موقعي تي طور پيش ڪيو ۽ اهو نوٽ ڪي?? ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪيل تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي منتقلي کي حاصل ڪرڻ لا??ِ هڪ گڏيل عالمي عزم جي تصديق ڪري ٿو. ان معاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪرڻ لا??ِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪيو ۽ گذريل مالياتي ??عدن لا??ِ وابستگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لا??ِ موسمياتي ??نڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن سمورين ڌُرين کان مطالبو ڪي?? ته هو تقسيم تي گڏيل تفهيم کي ترجيح ڏين ۽ ان ڳالهه تي زور ڀري?? ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ زايد جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪيو. هن ڪيترن ئي وفدن جي سربراهن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ۾ به حصو ورتو. صدر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد عالمي اڳواڻن جي موسمياتي ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 موسمياتي ڪانفر??س جي ميزباني باڪو ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لا??ِ گڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا