لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وز??راعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وز??راعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پي?? وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وز??راعظ?? جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم جو لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی