اسلام آباد ??? پ??رين جون (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چي?? آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪي?? آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس او پيز سان سياحت جو شعبو کولينديون، اسان يورپ ۽ چين جهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، مون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون چاهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اسان جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڪورونا وائرس جي صورتحال جا اثر اسان جي معيشت تي پيا آهن، ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿي?? آهي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا کي وڌيڪ وڌڻ?? آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيندو، ڪورونا وائرس جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين جي تياري تائين اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ ره??و پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪورونا جي پاڪستان ۾ موجودگي کانپوءِ فوري طور تي اين سي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون چين ۽ يورپ کان مختلف آهن، پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.
ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia