اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن ??ارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي، اسان ئي پاڪستان ک?? ان بحران مان ڪڍنداسين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي وارا ڪرپشن جو پئسو بچائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن ??ا مفاد پاڪستان جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ آهن، انهن موجب جمهوريت جو مطلب چوري بچائڻ آهي، انهن ک?? اين آر او ڪنهن ??ه صورت ۾ نه ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 23 سالا جدوجهد تي ڪارڪنن ک?? سلام پيش ڪريان ٿو، سياست ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب ??قت ايندو رهندو آهي پر مسلسل جدوجهد سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان پهرين ا??له مون ک?? شهرت ۽ عزت سان نوازيو هو، آئون سياست ۾ خدمتن لاءِ آيو آهيان ڇو ته ا??له تعاليٰ مون ک?? ايمان سان نوازيو آهي ۽ منهنجي زندگي جو مقصد ذاتي فائدي مان نڪري ماڻهن ??ي خدمت آهي ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته آئون ا??له کي جوابده آهيان، جڏهن ????له عزت ڏيندو آهي ته وڏي ذميداري به ڏيندو آهي ۽ ان ذميداري جي باري ۾ آخرت ۾ حساب ڏيڻو پوندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ