اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي چيو آهي ته ??لا??من جي ڀلائي انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ جو ان جو اثر سڌو سنئون ??دارن جي ڪارڪردگي تي پوندو آهي، سينيٽ جي چيئرمين اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ايمپلائيز ويلفيئر فنڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، صادق ??نجراڻي چيو ته ??لا??م ڪنهن به اداري جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکندا آهن ۽ انهي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي ڀلائي تي خوصي ڌيان ڏنو وڃي، سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ ويلفيئر فنڊ جي مقصدن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڪميٽي جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي فنڊ انتهائي اهم آهن ۽ ان جي مالي حيثيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ضرورتمند ??لا??م ۽ خاص طور تي گهٽ پگهار واري اسٽاف کي وڌ کان وڌ امداد فراهم ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون