اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ عالمي بئ??ڪ جي ثالثي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي و?? ۾ گڏيل طور تي متفقه انتظام آهي ۽ ڪو به ملڪ هڪطرفي طور تي معاهدي کان پاڻ کي جدا نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن ۾ وفاقي گهرو وز??ر چوڌري نثار علي خان، ناڻي واري وفاقي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، پرڏيهي سيڪريٽري، ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي و??ندڙ خلاف ورزين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارتي سيڪيورٽي فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری