بيجنگ-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيھي وزير وانگ اي چيو آھي ته عالمي برادري کي وچ اوڀر ۾ ڊگھي ۽ وڌيل تڪرار تي ??خت ڳڻتي آھي. پھرين ترجيح غز?? ۾ ??وري طور تي ھڪ جامع ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ، ٻيو سمورن قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ ٽيون غزه ت??ئين بنا رڪاوٽ انساني پھچ کي يقيني بڻائڻ آھي. ملڪ يا قوم جي ھڪ نظر ??ان سموريون جانيون قيمتي آھن ۽ غزه ۾ انساني تباھي جاري نه رھڻ گھرجي. سومر ڏي??ھن پرڏيھي ميڊيا موجب وانگ اي نئين اسرائيلي پرڏيھي وزير اسرائيل ڪاٽز ??ان ٽيليفون تي ڳالھه ٻولھه ڪئي. وانگ اي چيو ته غزه جو تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو ظاھر ڪري ٿو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلي جو مرڪز بڻيل آھي. عالمي برادري جو آواز واضح آھي، مطلب ھو جلد کان جلد ”ٻه رياستي حل“ جي رستي تان واپس اچڻ جي اميد رکي ٿي. اھو اسرائيل سميت سمورين ڌرين لاءِ استحڪام ۽ ديرپا سلامتي حاصل ڪرڻ جو صحيح رستو آھي. وانگ اي چيو ته چين کي اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار تي ??خت ڳڻتي آھي ۽ ا??ان اميد ڪيون ٿا ته سموريون ڌريون احتياط کان ڪم وٺن.
چين پاران اسرئيل-ايران جاري تڪرار تي سخت ڳڻتي جو اظھار
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena