گڏيل قومون-28 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڌرتي کي زنده رهڻ جي قابل بڻائي رکڻ جي عالمي ڪو??شن جي سلسلي ۾ پلاسٽڪ سان گدلاڻ جي خلاف قدمن ۽ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي عزم جي تجديد ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي م??ير اڪرم نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ زيرو ويسٽ جي عالمي ڏينهن (گندڪچري ۾ پلاسٽڪ جو خاتمو) جي م??اسبت سان ترڪيه جي مشن، گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو اين اي پي) ۽ گڏيل قومن جي هيومن سيٽلمينٽس پروگرام يو اين هيبيٽيٽ جي انتظام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان وٽ پلاسٽڪ سان گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جا منصوبا آهن. هي ڏينهن عالمي سطح تي گندڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي انتظام کي سگهه ڏيڻ جي اه??يت ۽ استعمال ۽ پيدوار جي پائيدار نمونن کي هٿي ڏيڻ جي اجاگر ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان پلاسٽڪ مان گدلاڻ جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ لاءِ ليونگ انڊس انيشيٽو جي مجموعي فريم ورڪ تحت سنڌو درياءُ ويجهو واقع شهرن ۾ پيدا ٿيل گندڪچري ۾ پلاسٽڪ کي ختم ڪرڻ جي م??صوبي تي عملدرآمد ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، هن ان سلسلي ۾ جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانس جي قدمن ۽ ترڪيه جي خاتون اول ايمن اردوان جي پيغام ۽ واکاڻ جوڳين ڪو??شن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان قدم جي هڪ حصي طور ملڪ جي سنڌ طاس جي شهرن ۾ گندڪچري مان پلاسٽڪ جو خاتمو ڪيو ويندو، جنهن جي شروعات ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، ملتان، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪو??يٽا مان ٿيندو. پاڪستاني نمائندي گندڪچرو پيدا ڪرڻ جي عالمي چئلينج تي روشني وجهندي م??ونسپل، ٺوس ۽ خطرناڪ فضلي سميت سالياني پيدا ٿيندڙ گندڪچري جي نمايان مقدار تي زور ڀريو. هن نمائندن کي ٻڌايو ته پاڪستان 241 ملي?? ماڻهن جي آبادي سان هر سال 30 ملين ميونسپل ٺوس گندڪچرو پيدا ڪري ٿو جنه?? مان 10 کان 14 سيڪڙو جي خطرناڪ گندڪچري طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان دنيا جي مختلف حص?? مان ساليانو سراسري 80 هزار ٽن خطرناڪ گندڪچرو وصول ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان خطرناڪ گندڪچري جي انتطام جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ لاءِ 2022ع ۾ خطرناڪ ويسٽ مينيجمينٽ جي قومي پاليسي به جوڙي آهي. پلاسٽڪ جي ڪچري جي حوالي سان پاڪستاني نمائندي ٻڌايو ته پاسڪتان ساليانو 3.9 ملين ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو پيدا ڪري ٿو جنه?? مان صرف 25 کان 30 سيڪڙو کي م??نيج ڪيو ويندو آهي، پلاسٽڪ جي ڪچري جو هڪ اه?? حصو تقريبن 164332 ٽن، سڌو درياءُ جي نظام ذريعي هر سال سمنڊ ۾ هليو ويندو آهي. منير اڪرم چيو ته ان روشني ۾ پاڪستان پلاسٽڪ جي گدلاڻ بابت بين الحڪومتي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جو منتظر آهي، هن سرڪلر اڪنامي کي هٿي ڏيڻ جي اه??يت، گند ڪچري جي انتظام لاءِ سماجي روين، مالي وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، هن گندڪچري ۾ گهٽتائي?? ٻيهر استعمال ۽ ري سائيڪلنگ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسي مداخلتن جي مرڪزي جزي طور گڏيل زميواري جا اصول لاڳو ڪرڻ تي به زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ تقريب کي پاڪستاني نمائندي جو خطاب، پلاسٽڪ سان گدلاڻ خلاف قدم، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي عزم جي تجديد
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک