رياض-22 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۽ فرانس جي فوج ڏکڻ جو شينهن 4 جي عنوان سان بري مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن، سعودي خابرو اداري موجب فرانس جي سوميور آرمي اسڪول جي ڪمانڊر برگيڊيئر بنوا ام??ني?? بري مشقن جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي سعودي عرب طرفان ڪرنل زياد بن سعد الجليل موجود هو. مشقن جي شروعات ٻنهي ملڪن جا جهنڊا ڦڙڪائي وئي وئي، فرانسيسي فوجي دستي جي برگيڊيئر سعودي بري فوجي دستي جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل مشقن ۾ شامل عسڪري يونٽس پوري طرح تيار آهن، هن چ??و ته مشقن جو مقصد عسڪري تعاون جو استحڪام، ٻنهي ملڪن جي فوجي تجربن جي مٽاسٽا، عسڪري آپريشنن جي تصورن ۾ يڪسانيت، گوريلا جنگ جي منصوبابندي ۽ عسڪري فيصلن ۾ يگانگت آڻڻ آهي، هن چ??و ته بري فوجي مشقن دوران سيمينار?? به ٿيندا جن ۾ ٻنهي ملڪن جا اهم آفيسر ليڪچرز ڏيندا.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز