مڪو شريف – 03 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي الحرمين الشريفين انتظاميا بزرگ عورتن جي سهولت لاءِ مسجد الحرام ۾ ”مصلي المسنات“ (بزرگ عورتن لاءِ نماز جي جاءِ) جي نالي سان نماز جو هنڌ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مسجد الحرام ۾ سماجي خدمتن جي اداري جي عهد??دا?? ڊاڪٽر عبير الجفير مسجد الحرام ۾ بزرگ عورتن لاءِ نماز جي جاءِ جو افتتاح ڪيو، بزرگ عورتن لاءِ مخصوص اهو هنڌ ڪنگ فهد جي توسيع واري عمارت ?? زميني ماڙ تي آهي. ڊاڪٽر عبير الجفير چيو ته ان جو مقصد بزرگ عورتن کي رش جي مسئلن کان بچائڻ آهي ته جيئن اهي عبادت اطمينان ۽ سڪون ۽ يڪسوئي سان ڪري سگهن. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ آهي ته انتظاميا اهو قدم اسلامي تعليم جي تعميل ۾ کنيو آهي جيڪو بزرگن سان خاص معاملي لاءِ چوي ٿي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔