اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فنانشل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽس مسلم ليگ (ن)، ??يپ??زپارٽي ۽ ??يپ??زپارٽي پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ج??هن ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن، فارن فنڊنگ جي حوالي سان پي ٽي آءِ، (ن) ليگ، ??يپ??زپارٽي ۽ ??يپ??زپارٽي پارليامينٽرين جا ڪيسز هڪ جهڙا ۽ اسڪروٽني ڪميٽي به هڪ آهي، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اسان جي گذارش آهي ته انهن سمورين پارٽين جي ڪيسز کي گڏ ٻڌي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 3، 4، 9 کي آرٽيڪل 25 سان گڏائي پڙهو ته اهو به ر??يي ۾ بنا فرق جي حق ڏي ٿو. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، ??يپ??زپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 اڪائونٽس ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان ڳجها رکيا. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ ??يپ??زپارٽي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڊونيشن جون رسيدون، چيڪ، پي آرڊر سميت ڪنهن به قسم جو رڪارڊ ڏيکارڻ کان قاصر رهيون. مملڪتي ??زير چيو ته ڪنهن چندو يا ڪنهن امداد ڏني، اهم رقم جو رڪارڊ نه آهي، ٻنهي پارٽين وٽ مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ۽ ٽي ٽيز وانگر ان معاملي ۾ به ڪو رڪارڊ نه آهي. هن چيو ته (ن) ليگ 62 ڪروڙ مان 98 سيڪڙو رقم جو ڪو رڪارڊ ئي پيش نه ڪري سگهي، ڀون داس 3 ڪروڙ ۽ حنيف خان ساڍا 4 ڪروڙ رپيا جمع ڪرايا. مملڪتي ??زير چيو ته اليڪشن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) کي 2013ع کان 2015ع ٽن سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا آيا، هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪو حساب نه ڏنو ويو. مملڪتي ??زير چيو ته ??يپ??زپارٽي ۽ ??يپ??زپارٽي پارليامينٽرين جي هڪ ٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، 10 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ ??يپ??زپارٽي پارليامينٽرين ??يپ??زپارٽي کي ضابطن جي خلاف ڏنا جڏهن ته ??يپ??زپارٽي ج?? 35 ڪروڙ عطين جو رڪارڊ ئي نه آهي.
مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار