اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته پا??ستان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شيلن برگ سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي واري شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان آسٽريا کي يورپي يونين جو هڪ اهم ميمبر سمجهي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت ۽ تجديد ق??بل توانائي، آبي وسيلن، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. شاهه محمود ق??يشي چيو ته اسان پا??ستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ اڳ ئي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد جا خواهشمند آهيون، پا??ستان ۾ سيڪيورٽي جي بهتر صورتحال ۽ ڪاروباري سه??لت??ن فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پا??ستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري سان پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن ۾ اضافو ٿيو آهي، آسٽرين ڪاروباري ماڻهو ۽ ڪمپنيون، اسان جي حڪومت جي ”ڪاروباري دوست پاليسين“ مان فائدو وٺندي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪري به??ري?? منافعو ڪمائي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي پا??ستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان آسٽريا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی