اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) سفارتڪارن، تجزيه نگارن ۽ مذهبي اڳواڻن چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جو ڪم آهي ۽ عوام جو ڪو گروهه حڪومت تي پنهنجي راءِ مڙهي ان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي، عالم سڳورن، سياستدانن، دانشورن ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن تحريڪ لبيڪ پاڪس??ان جي ڪارڪنن جي پر??شد?? مظاهرن جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته اهڙي ڪنهن گروهه کي معاشري ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ پر??شد?? ڪاررواين جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. انهن حڪومت تي زور ڏنو ته رياست جي عملداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ شرپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واضح رهي ته حڪومت انتهاپسندي، عدم برداشت ۽ ??شد?? جي رويي جي حوصلا شڪني جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون تحت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، اهو قدم تحريڪ لبيڪ جي سربراهه علامه سعد رضوي جي حراست کانپوءِ ان جي ڪارڪنن جي پر??شد?? مظاهرن جي جواب ۾ کنيو ويو. تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن رستن ۽ وڏين شاهراهن کي بند ڪيو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جو زيان ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا. اڳوڻي سفير آصف دراني ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جي ذميواري آهي، ڪو سياسي يا مذهبي گروپ ڪنهن معاملي ۾ حڪومت کي پنهنجي راءِ ته ڏئي سگهي ٿو پر ??و ان کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جو ??رانسيسي سفير کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جو ??طالبو سفارتي ۽ سياسي لحاظ کان مناسب نه آهي. اڳوڻي سفير چيو ته اهڙي ڪنهن گروهه کي پرڏيهي پاليسي جي معاملن ۾ معاشري ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ ۽ ??شد?? جو رستو اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. اڳوڻي سفير اياز وزير چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي قسم جا گروپ عالمي ايشوز تي حڪومت کي ڊڪٽيٽ نه ٿا ڪن. عالمي معاملا سرانجام ڏيڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙا مظاهرا جن ۾ رستا، شاهراهون بلاڪ ڪيون وڃن، ايمبولينسز جو رستو روڪيو وڃي، ??شد?? ٿئي ۽ عوام کي نقصان پهايو وڃي، اسلامي تعليم جي فروغ جي ا??تڙ آهي. هن چيو ته سرڪاري فيصلا ماڻهن جي ڪنهن گروپ کي نه پر ??اڳاپيلن (ماهر عملدارن) کي ڪرڻ گهرجن جيڪي عالمي معاملن ۽ بطرفن لاڳاپن جو ادراڪ رکن ٿا. تحريڪ لبيڪ پاڪس??ان تي پابندي بابت حڪومتي فيصلي جي آجيان ڪندي عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي صوبائي صدر ايمل ولي خان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌر ۾ هجڻ جي باوجود اي اين پي ملڪ جي نظرياتي سياسي پارٽي جي حيثيت سان سمورن شدت پسند گروهن جي خلاف ڪارروائي ۽ انهن تي پابندي لڳائي قومي ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي حمايت ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پريشر گروپن پاران عوام جي جذبن سان کي کيڏي ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۽ سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي. سائوٿ ايشين فري ميڊيا ايسوسيئيشن (سيفما) جي سيڪريٽري جنرل امتياز عالم چيو ته منهنجو ??اهي خيال آهي ته مذهب ??شد??، نفرت ۽ شرانگيزي جي اجازت ڏي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو رسول الله صه جي مقصد کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي حقيقت ۾ پاڻ صه جي تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته رڳو گروپ تي پابندي لڳائڻ ڪافي نه آهي، سياسي مقصدن جي لاءِ مذهب جي استعمال کي به روڪڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي به عوام جي اڪثريت رستن تي تحريڪ لبيڪ جي مظاهرين جي پر??شد?? ڪاررواين کي تنقيد جو ??شانو بڻايو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اسلام درگاهن، اوليائن جي تبليغ، بزرگان دين جي محبت، اخلاص ۽ انسانيت جي درس جي مضبوط بنيادن تي قائم ٿيو. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ جهڙو شدت پسند گروهه اسلام جي ان سڃاڻپ کي بدلائڻ چاهي ٿو ۽ ??شد?? ۽ انتهاپسندي کي هوا ڏيڻ چاهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ هر مسلمان جو ??رض آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي بليڪ ميل نه ٿو ڪري سگهجي جڏهن ته پوليس اهلڪارن جي خلاف ??شد?? ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي ۽ وچ اوڀر واري خاص نمائندي حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته جمهوري معاشرن ۾ پرامن مظاهرا عوام جو بنيادي حق هوندو آهي. هن چيو ته ڪا به رياست پنهنجي ماڻهن جي قتل، انهن جي ملڪيتن کي ساڙڻ ۽ انهن کي يرغمال بڻائڻ جي عمل کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اهو نه رڳو افسوسناڪ پر ??ذمت جوڳو به آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪس??ان تي پابندي بابت هن چيو ته موجوده حالتن جي ڏس ۾ حڪومت ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد ۾ پارٽي تي پابندي لڳائڻ جو ??يصلو ڪيو.
پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ ۽ ان تي عملدرآمد حڪومت جو ڪم آهي: سفارتڪار/ تجزيه نگار/ مذهبي اڳواڻ
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável