اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ لاءِ سوتي ڌاڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو درآمدي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي ??نظ??ري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي ريوينيو ۾ اضافي جي لاءِ روڊ ميپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قا??م ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ آڻيندڙ ??ها??ن جي برٿنگ کي ترجيح ڏني وڃي جڏهن ته ان ڳالهه جو به خيال رکيو وڃي ته ان سان ٻيو درآمدي مال متاثر نه ٿ??ي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز