اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وولڪن بوذڪر کي گڏيل قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ وزيراعظم کيس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪ??و ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ور??ين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي صورتحال ۽ ڀارت ??ار??ن علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪ??شش بابت پڻ آگاهه ڪ??و. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون ان سنگين صورتحال ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم کيس ڪوويڊ 19 جي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ??ار??ن کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي زندگي بچائڻ سان گڏ انهن کي زندگي جون ضرورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ آگاهه ڪ??و. هن ٻڌايو ته سندس حڪومت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت ??ار??ن ڏنو ويندڙ سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.
وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی