اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ دنيا جي سڀ کان مهانگي بجلي بڻائڻ وارا پلانٽس لڳائڻ سبب بجلي جي في يونٽ پيداوار?? قيمت 15 روپيا 53 پئسن ??ائ??ن پهچي چڪي آهي، بجلي جي پيداوار?? قيمت وڌڻ سان گردشي قرضن ۾ ماهوار 34 کان 36 ارب روپيا اضافو ٿي رهيو آهي، شهباز شريف جيڪو قائداعظم سولر پلانٽ لڳايو آهي ان جي بجلي في يونٽ 17 روپيا پئجي رهي آهي، ا??تري مهانگي سولر بجلي جي پيداوار دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي، اڳوڻي حڪومت نيپرا جي سفارشن جي باوجود به بجلي ج?? قيمت نه وڌائي جنهن سبب اهو بار به موجوده حڪومت جي لاءِ ڇڏيو ويو آهي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ميڊيا سينٽر ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ ٻين معاملن بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔