اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ايڊن ??ائوسنگ سوسائيٽي ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو آهي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ناٺي کي دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، اسڪينڊل ۾ افتخار چوڌري جي پٽ، ڌي ۽ سيڻ جو نالو به آهي، اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ناٺي مرتضيٰ امجد ايڊن ??ائوسنگ سوسائيٽي جو مالڪ آهي جيڪو دبئي فرار ٿي وي?? هو، ان جي گرفتاري جا وارنٽ نيب جاري ڪيا هئا، وزيراعظم عمران خان ڪيس جي حوالي سان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي پاڪستان جي اندر طاقتور جو به احتساب شروع ٿي چڪو آهي، وزيراعظم جي لاهور دوري جي موقعي تي ايڊن ??ائوسنگ سوسائيٽي جي متاثر ماڻهن وزيراعظم هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪي?? هو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری