اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم ا??رنگزيب چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊن جو ??طا??بو ڪرڻ غيرموزون آهي، ڪجهه پارٽين پاران چونڊن کي تڪراري بڻائي ان ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وقت کان اڳ اسيمبلي تحليل جي ڳالهه اهي ماڻهو ڪن ٿا جن چار سال ڪوڙ ڳ??له??ئڻ ۽ ادارن جي توهين ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. احتساب عدالت ٻاهران صحافين ۽ نجي ٽي وي سان ڳ??له??ئيندي مملڪتي وزير مريم ا??رنگزيب چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي ڇو ته سندس دل ۾ ڪو چور نه آهي ۽ کيس خبر آهي ته هن ڪا چوري ناهي ڪئي، ته اهو تاثر ختم ٿي ويو آهي ته هو عدالت مان ڀڄي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن