اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ بيلاروس ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شموليت سان ٽه ڌريي واپاري نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات کا??پوءِ وزيراعظم نواز شريف سان گڏجي گڏيل پريس ڪا??فرنس ڪندي چيو ته بيلاروس ۽ پاڪس??ان پرامن ذريعن جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڪنهن ٽئين ملڪ کي شامل ڪري پنهنجي واپاري حيثيت کي سگهه ڏئي سگهن ٿا. هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان پنهنجي ڳالهين کي انتهائي تعميري قرار ڏيندي چيو ته اهي ڳالهيون گذريل سال پاڪس??ان جي سندس دوري دوران رکيل دوستي جي بنياد کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي مرڪوز رهيون. هن چيو ته بيلاروس پاڪس??ان کي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان گڏوگڏ لاڳاپن ۾ درپيش مشڪل وقت کا?? آگاهه آهي. پاڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته ڊيئر شريف توهان بيلاروس جي موقف کا?? آگاهه آهيو جيئن ت?? هو مسئلي جو پرامن حل جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ۽ بيلاروس جي صدر جو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب