ماسڪو-08 نومبر (اي پي پي) روس جي صدارتي آفيس جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيل فلسطين چڪرين ۾ انساني بنيادن تي وقفو ضروري آهي. روسي خابرو اداري موجب هن اسرائيل فلسطين جهڙپن بابت جاري بيان ۾ اسرائيل جي عسڪري آپريشن جو ذڪر ڪندي چيو ته چڪرين ۾ وقفو ڏيڻ ۽ ان دوران غزه جي عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان لاءِ نهايت اهم آهي. ان وقفي جي نتيجي ۾ روسي شهرين کي غزه مان نڪرڻ جو موقعو ملندو، اس??ن جا سفارتڪار ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا ??هن، هن چيو ته غزه جي صورتحال نهايت ڇڪتاڻ واري آهي. هن چيو ته غزه جي ماڻهن لاءِ اس??ن جون امدادي ڪارروايون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2