جنيوا- 06 جول??ءِ (اي پي پي) قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ طرفان پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جول??ءِ تي ٿيندو. او آءِ سي طرفان جاري ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيومن رائيٽس ڪائونسل قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي فوري بحث ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، او آءِ سي طرفان ان حوالي سان بيان جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير خليل هاشمي جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن هيومن رائيٽس ڪائونسل جي 53 هين اجلاس جي صدر سان ڪجهه يورپي ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بار بار بي حرمتي سميت مذهبي نفرت جي عوامي سطح تي ٿيڻ وارن خطرناڪ قدمن تي غور ۽ انهن جي روڪٿام ل??ءِ فوري بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته هيومن رائيٽس ڪائونسل جي موجوده صدر کي ان باري ۾ 3 جول??ءِ تي هڪ خط موڪليو ويو هو جنهن ۾ فوري بحث جو مقصد بيان ڪيو ويو آهي ته اسان ان ناپاڪ جسارت تي بامعنيٰ بحث ڇو چاهيون ??ا. هن چيو ته گذريل هفتي عيد جي ڏينهن ۽ هڪ مسجد جي ٻاهران قرآن پاڪ کي شهيد ڪرڻ ۽ بي حرمتي ڪرڻ هڪ ڌار عمل نه هو، تازن مهينن ۾ اهو ڇهون ??وقعو هو جيڪو مذهبي نفرت جو واضح، وڌندڙ ۽ مسلسل عمل جي مڪمل عڪاسي ۽ حڪومتي لائسنس تحت نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته اهي اسلامو فوبڪ ڪارروايون ??هرئين ڪيون ??يون ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته انهن ڪاررواين کي اظهار جي ر??ءِ جي آزادي جي حق سان ملائي انهن جو مستقل دفاع ڪيو ويو. هن چيو ته عوام امن ل??ءِ ڏور رس اثرن، انهن جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز نوعيت جي باوجود ان مان ڪنهن به ڪارروائي کي نه ته روڪيو ويو ۽ نه ئي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. خليل هاشمي چيو ته او آءِ سي گروپ پهرين ۽ بار بار هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ امتيازي سلوڪ، اشتعال انگيزي ۽ تشدد کي ڀڙڪائڻ جي انهن ڪاررواين تي پنهنجو شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ ان جي موثر روڪٿام ل??ءِ قدمن تي زور ڀريو آهي، هن چيو ته اهو واضح آهي ته قانوني رڪاوٽ جي عدم موجودگي ۾ اهڙيون ڪارروايون جاري آهن. اسان ان حقيقت جي آجيان ڪريون ??ا ته ان تازي ترين اشتعال انگيز عمل جي مذمت مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي سختي سان رد ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به ان رجحان کي منظم ۽ بار بار جاري نوعيت کي ڏسندي هاڻي صرف لفظ ڪافي ناهن. او آءِ سي گروپ ان ڳالهه کي به اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو ته انساني حقن جي ڪائونسل طرفان تيار ڪيل موجوده اصولي فريم ورڪ سان اهي نتيجا نه نڪري رهيا آهن جن جي اميد هئي، هن چيو ته قومي سطح تي موثر قانوني ۽ پاليسي قدمن جي عدم موجودگي انهن ڪاررواين جي روڪٿام ۽ قانوني ڪاررواين ۾ رڪاوٽون ??ڌيون آهن جنهن کي اربين ماڻهن ل??ءِ نفرت جوڳو سمجهيو ويندو آهي.
قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي او آءِ سي گروپ پاران پاڪستان جي درخواست تي گڏيل قومن ۽ هيومن رائيٽس ڪائونسل ۾ بحث 11 جولاءِ تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری