اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ جده لاءِ نيون عالمي اُڏامون آپر??شن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪ??شن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتيوار وڌيڪ اُڏامن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ ??ان پشاور لاءِ ٽين هفتيوار اُڏام 25 جنوريءَ ??ان شيڊول جو حصو بڻجندي. پي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتيوار ٻه طرفيون اُڏامون 25 جنوريءَ ??ان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لاءِ نيون هفتيوار ٻه اُڏامون 22 جنوريءَ ??ان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪو?? کان بحرين لاءِ هفتيوار اُڏام 20 جنوري کان جڏهن ته سيالڪو?? کان دوحه لاءِ نئين ٻه طرفي هفتيوار اُڏام جي شروعات 21 جنوريءَ ??ان ٿيندي. فضائي آپر??شن ۾ واڌو اُڏامون سيالڪو?? کان جده لاءِ 20 جنوريءَ ??ان هلايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻاهر آسان رسائي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن جو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.
پي آءِ اي پاران ڏيهي ۽ پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ واڌ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل