اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لا??ِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر شبير شريف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان ??ڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميجر شبير شريف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل سان ??اڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنج?? عددي برتري جي باوجود دشمن ميجر شبير شريف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر پاران ??طن سان ??حبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوان ??سل جي لا??ِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن ج?? عددي برتري کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر شبير شريف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان ??فاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.
وزيراعظم پاران ميجر شبير شريف شهيد نشان حيدر کي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados