اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ڪامياب ن??ون?? منعقد ٿيڻ تي حڪومت کي مبارڪن جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان قرارداد پيش ڪئي ته سينيٽ اسلام آباد ۾ ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس دوران گهڻ رُخي مصروفيتن ۽ اعليٰ ترين سطح تي غير معمولي طور ڪامياب تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪري ٿي. قرارداد ۾ چيو ويو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي سڄي دنيا ۾ پاڪ??تا?? جي جي اميج لاءِ هڪ نئين تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. قرارداد ۾ اهو به چيو ويو ته اسان کي يقين آهي ته ان تقريب ۾ ٿيل اڳڀرائي پاڪ??تا?? جي وڌندڙ جاگرافيائي، معاشي مقام ۽ علائقائي رابطن، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچ??، موسمياتي ۽ سيڪيورٽي جي هدفن ۾ واڌ ۾ ڪردار ادا ڪندي. سينيٽ چيئرمين قرارداد منظوريءَ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن ک?? ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ان کان اڳ قرارداد جي حوالي سان ڳالهائيندي سينيٽر شيري رحمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي مبارڪن جي قرارداد تي پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين صحيحيون ڪيون آهن. هن چيو ته سينيٽ پاڪ??تا?? حڪومت کي شنگهائي تعاون تنظيم جي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪرڻ کي ساراهي ٿي جنهن ۾ گهڻ رُخي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون، علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ، انفراسٽرڪچ??، موسمياتي تبديلي جي هدفن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اهو پرڏيهي معاملن لاءِ انتهائي اهم آهي، اهم سنگ ميل تي وزيراعظم سميت پوري حڪومت مبارڪن جي مس??حق آهي. ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪ??تا?? ۾ ايڏو وڏو ايونٽ ٿيو آهي، ميمبر ملڪن اعليٰ سطحي وفدن سان گڏ ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، هي پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي تي اعتماد جو مظهر آهي، اهو ملڪ کي مس??حڪم ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ منزل سمجهون ٿا، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو ويو، سي پيڪ منصوبي تي دير ختم ۽ اهو منصوبو بحال ٿي چڪو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايس سي او سربراهي اجلاس دوران مخالف ڌُر جو ڪردار هاڪاري رهيو ۽ پُرامن ماحول ۾ اهو اجلاس پڄاڻيءَ تي پهتو. ايمل ولي خان چيو ته ايس سي او اجلاس ۾ پاڪ??تا?? جي هاڪاري سُڃاڻپ کي اجاگر ڪيو ويو.
سينيٽ پاران ايس سي او سربراهي ڪانفرنس ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي حڪومت کي مبارڪن جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا