اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته 9 مئي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آه??، سياسي ۽ ذاتي مفادن جي خاطر 9 مئي تي اها حرڪت ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن دشمن ب?? نه ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي سانحي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت جي لاءِ خصوصي اجلاس گهرايو ويو آه??، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي کي به خصوصي طور تي گهرايو ويو آه??، سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي هوندي. هن چيو ته خصوصي اجلاس ۾ 9 مئي جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي ويندي، قانون واري وزارت پاران وائيٽ پيپر پڻ پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ سان تمام گهڻي رعايت ڪئي وئي آه??، ان جا ڀاڻيجا ۽ ڀينرُون عظميٰ خان، عليمه خان ۽ نورين خان به 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث آه??، انهن کي ڇو رعايت ڏني وئي. هن چيو ته منهنجو سوال آه?? ته 9 مئي جي ڪيسز جو فيصلو ڇو نه پيو ڪيو وڃي، ڇو ان ڪيس کي منطقي انجام تائين نه پيو پهچايو وڃي.
9 مئي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، سياسي ۽ ذاتي مفادن جي خاطر 9 مئي تي اها حرڪت ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن دشمن به نه ڪئي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات