اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏ??اڙن ۾ 6 کان 8 اپريل تائين سع??دي عرب جو دورو ڪندو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هي سندس پهريون غير??لڪ?? دورو هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارا وفاقي وزير پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم عمري جي ادائيگي کانسواءِ مدينه المنوره ۾ مسجد نبوي ﷺ ۾ نماز ادا ڪندو. وزيراعظم جي سع??دي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات متوقع آهي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب ٻنهي ??لڪ?? جا اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي تي آهن. پاڪستان جي عوام خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ انتهائي احترام رکي ٿو. ٻنهي ??لڪ?? جي قيادت ڀائرانن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 کان 8 اپريل تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا