اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت جي انتظام هيٺ شاهراهه دستور تي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو. واڪ ۾ سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد ۽ ثقافت واري وزير سميت هر شعبي سان تعلق ??کندڙ عوام و??ي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن طرفان والاريل ڪشمير جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عق??دت پيش ڪيو ويو. واڪ جي شرڪت ڪندڙن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ غير قانوني قبضي خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا. شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگرديءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ريليءَ طرفان ڪشمير بڻجندو ??اڪ??تان جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا. والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عق??دت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت جي انتظام هيٺ شاهراهه دستور تي واڪ جو بندوبست
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha