اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداس??ن. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح الدين صديقي س??ن ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اصلاح الدين صديقي ??گر??ن وزيراعظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي موجوده صورتحال، ان جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح الدين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ ??گر??ن وزيراعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح الدين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي ??گر??ن وزيراعظم کي س??راهيو. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??يو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي پاڪستان ۾ موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداس??ن. ??ن ??يو ته اصلاح الدين صديقي جهڙا ليجينڊ پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجوانن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. ??گر??ن وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن