بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪي?? ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگر??ن وزيراعظم جو استقبال ڪي??. نگر??ن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪي?? ويو. پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگر??ن وزيراعظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي ??نعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگر??ن وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪاميابين سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي ??اڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگر??ن وزيراعظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي رابطن جي موضوع تي ??نعقد اعليٰ سطحي فو??م کي خطاب ڪندو. نگر??ن وزيراعظم جي چين ۾ چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگر??ن وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگر??ن وزيراعظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي ??گر??ن وزيراعظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چين جي دوري تي بيجنگ پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر