اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياس?? مشاورت جو 12 هون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي علائقائي معاملن و??ري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياس?? مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد تو??نائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪ??ري پارٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪائونسل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪ??ري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی