اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي چ??ن پاران پاڪ چين اقصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي هيرو جو خطاب ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنهن شخص جي ايمانداري، محنت ۽ لگن جو اعتراف چين جهڙو عظيم ڪري رهيو آهي، ان کي سياسي انتقام ۾ پاڳل ٿي جيل ۾ وڌو ويو، ماڻهن کي اتساهي ۽ اشتعال ڏياري گو??ي هڻائي وئي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، ڪردارڪشيءَ ڪئي وئي، چين جو بيان اهڙن سمورن ڪارن ڪردارن جي منهن تي چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته چ??ن پاران اهو اعزاز پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي بهتري جو پڻ اظهار آهي. هن چ??و ته چار سالن ۾ ملڪ کي سفارتي اڪيلائپ ۾ مبتلا ڪيو ويو هو، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل هڪ سال دوران پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جا رابطا، عزت ۽ ساک بحال ٿي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق